اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته عالمي برادري ڀارت پاران فصائي حدن جي خلاف ورزي جو نوٽيس وٺي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، نئين دهلي جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪ??دا??ين. پاڪستان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي جي حوالي سان هڪ بيان ۾ پرڏيهي وزير چيو ته اهو ٻيو ڀيرو اسان جي فضائي حدن جي خلاف ورزي ٿي ??هي?? ان کان پهرين ماضي ۾ به 26 فيبروري تي ڀارت جارحيت ڪئي هئي ۽ پاڪستان ان کي مناسب ۽ وقت سر جواب ڏنو. پرڏيهي وزير چيو ته اسان ان حرڪت کي ڀارت جي ٽيڪنيڪي ناڪامي چئون، جارحيت چئون يا بدنيتي چئون. پاڪستان 2019ع ۾ به مدبراڻو رد عمل ڏنو، هن چيو ته هندستان جي حرڪت افسوسناڪ ??هي?? عالمي برادري کي ان حرڪت جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. هن ان حرڪت س??ن معصوم جانين کي خطري ۾ وڌو آهي ايوي ايشن اٿارٽيز کي ا?? جو نوٽيس وٺڻ گهرجي. سعودي ايئر لائي?? جو جهاز، قطر ۽ پاڪستا?? جون ڊوميسٽڪ اڏامون نشانو بڻجي سگهيون ٿي ۽ معصوم ماڻهو نشانو بڻجي سگهيا ٿي، اسان فيصلو ڪيو آهي ته پي 5 ملڪن جي نمائندن کي پرڏيهي وزارت ۾ دعوت ڏئي، کين سڄي صورتحال کان آگاهه ڪريون، هن چيو ته اسان کي اميد آهي ته عالمي برادري ا?? جو نوٽيس وٺندي، هندستان کي ان حرڪت لاءِ جوابده ٿيڻو پوندو، هندستان جي وضاحت کانپوءِ ايندڙ لائحه عمل جو فيصلو ڪ??دا??ين. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جارحيت جا قائل نه آهيون، پر دفاع اسان ڪالهه به ڪيو هو ۽ آئنده به ڪ??دا??ين. اڀينندن جي چانهه اڃان ٿڌي ناهي ٿي لڳي ٿو ته کيس ٻيهر ضرورت ٿي رهي ??هي?? پرڏيهي وزير چيو ته هندستا?? جو رويو انتهائي غير ذميداراڻو ??هي?? هندستان کي ڪٽهڙي ۾ آڻڻ جي ضرورت ??هي?? ڀارت 26 فيبروري 2019ع تي جارحيت ڪئي، حقيقتون سڀني جي سامهون اچي ويون، پر دنيا مصلحتن خاموش رهي، هن چيو ته اسان هندستان طرفان پاڪستان ۾ دهشتگردي جي پٺڀرائي جا ٺوس ثبوت هڪ ڊوزيئر جي ذريعي عالمي برادري جي سامهون رکيا، اسان ڀارت جو اصلي چهرو دنيا جي سامهون بي نقاب ڪيو، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته اسان جارحيت جا حامي نه آهيون، اسان هندستان سميت پنهنجي پاڙيسرين سان بهترين لاڳاپن جا خواهشمند آهيون، پر هندستا?? جو رويو ته ڏسو؟ والاريل ڪشمير ۾ ڏاڍ ۽ تشدد جو سلسلو عروج تي ??هي?? سامونڊي ۽ دفاعي حد?? جون خلاف ورزيون سڀني جي سامهون آهن، جڏهن ته ٻي طرف پاڪستا?? جو رويو سدائين مصالحاڻو ۽ مدبراڻو رهيو پر دفاع اسا?? جو حق آهي ۽ دفاع لاءِ پوري قوم تيار آهي.