لنڊ?? – 06 – اپريل (اي پي پي) ڀارتي ميزائيل جي پاڪستان حدن ۾ ڪ??ڻ جي ڪجهه ڏينهن کانپوءِ فلپا??ن ڀارت کان ان معاملي تي جواب طلب ڪيو هو. ان ڳالهه جو انڪشاف بي بي سي ڀارتي اخبار جي حوالي سان پنهنجي هڪ رپورٽ ۾ ڪيو آهي. رپورٽ موجب ڀارت جي مشهور انگريزي اخبار ”دي انڊ??ن ايڪسپريس“ پنهنجي رپورٽ ۾ لکيو ته فلپائن اها وضاحت ان لاءِ طلب ڪئي هئي ڇو ته هو ڀارت سان براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪري چڪو هو، فلپائن جي صدر روڊريگوڊوٽرٽي جي ڪابينا ۾ سڀ کان سينئر وزير ۽ دفاع واري سيڪريٽري ڊيلفائن لورينزانا ڀارتي سفير شمڀو ايس ڪمارن کي ا?? سلسلي ۾ طلب ڪيو هو. ڀارتي سفير فلپائن جي دفاع واري سيڪريٽري کي ٻڌايو ته ميزائل سسٽم ۾ ڪا فني مسئلو هو ۽ ان سلسلي ۾ جاچ جاري آهي، جڏهن جاچ مڪمل ٿيندي ته ان جي معلومات به فلپائن جي لاڳاپيل عملدارن سان شيئر ڪئي ويندي. پاڪستان جي سرزمين ۾ حادثاثي طور تي ??رن??ڙ ميزائل جي ساخت ته ڪو به سرڪاري بيان سامهون نه آيو آهي ۽ فلپائن جي پريشاني جو اهو ئي سبب آهي. واضح رهي ته هلندڙ سال 28 جنوري تي فلپا??ن ڀارت سان براهموس ميزائل جي خريداري جي هڪ معاهدي تي صحيح ڪيون هيون جنهن کي ڀارت جي ڊفينس ريسرچ اينڊ ڊولپمينٽ آرگنائيزيشن(ڊي آر ڊي ا??) ۽ روس جي ا??ن پي ا?? ميشينوسترونيا اداري گڏيل طور تي تيار ڪري رهيا آهن، فلپائن سان ٿيندڙ اهو معاهدو 73 ڪروڙ 50 لک آمريڪي ڊالر ماليت جو آهي ۽ چيو پيو وڃي ته اهو انڊ??ا لاءِ هڪ وڏو دفاعي سودو آهي، هڪ ٻي ڀارتي اخبار ”دي هندو“جي موجب انڊ??سن سفير ڪمارن اننٿاسيٽر جي ا??تمام هيٺ منعقد تقريب ۾ چيو هو ته فلپائن سان شروعاتي معاهدو گذريل سال مارچ ۾ ٿيو هو، ٻيو معاهدو نومبر ۾ ۽ حتمي معاهدو هلندڙ سال جنوري ۾ ٿيو آهي، ڀارتي خابرو اداري ا?? اين آءِ جي 23 مارچ جي رپورٽ ۾ سرڪاري ذريعن جي حوالي سان ٻڌايو ويو ته ڀارتي فضائيه جي فوج ۾ ميجر جنرل جي عهدي جي برابر آفيسر ان معاملي جي جاچ ڪري رهيا آهن ۽ بادي ا??نظر ۾ اهو ميزائل هڪ گروپ ڪيپٽن رينڪ جي آفيسر جي غلطي جي بنياد تي فائر ٿيو هو.