اسلام آباد – 03 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي هٿياربند فوج جي ڊپٽي سپريم ڪمانڊر ۽ يو اي اي جي ولي عهد شهزاده محمد بن زيد النهيان کي ٽيليفون ڪئي ۽ کيس ۽ يو اي اي جي ڀائر عوام کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان ??وجب وزيراعظم يو اي اي جي قيادت جي سٺي صحت ۽ ڀائر اماراتي عوام جي امن ۽ خوشحالي جي لاءِ نيڪ خو??هش?? جو اظهار ڪ??و. ??و اي اي جي ولي عهد وزيراعظم پاڪستان کي عيد جي مبارڪباد ڏيندي خيرسگالي جي جذبن جو اظهار ڪ??و. ??ن ٻنهي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ تعاون تي ٻڌل ڊگهي مدي وارن لاڳاپن کي وڌيڪ م??بو?? بڻائڻ جي عزم کي ورجا??و. ??زيراعظم يو اي اي جي پنهنجي تازي دوري دوران ??لي عهد سان ??نهنجي تفصيلي مشاورت جو حوالو ڏيندي پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار ميزباني تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته گڏيل مفاد ۾ ٻطرفي تعاون خاص طور تي واپار، سيڙپڪاري ۽ معاشي تعاون کي وڌيڪ تيز ڪرڻ جي لاءِ هو يو اي اي جي قيادت سان گڏجي ڪم ڪرڻ جو خو??هش??ند آهي. وزيراعظم پنهنجي يو اي اي جي تازي دوري جي فوري پوءِ گڏيل عرب امارات جو معاشي وفد موڪلڻ تي ولي عهد جا ٿورا مڃيا جيڪو ٻنهي ڀائرن عوام جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۾ هڪ نئين باب جو اضافو آهي. وزيراعظم ولي عهد کي پنهنجي اولين فرصت ۾ پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي اڳواڻن ٻطرفي حصيداري عمل ۽ عالمي سطح تي تعاون جي وڌيڪ فروغ جي لاءِ ويجهو رابطو قائم رکڻ تي اتفاق ڪيو.