اسلام آباد – 13 – جون (اي پي ??ي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو آهي ته انفارميشن ٽي??نالاجي دنيا کي هڪ گلوبل وليج ٺاهي ڇڏيو آهي، پاڪستان جي پارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائيزيشن ڪيو پيو وڃي، قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن مختلف ملڪن سان تعلق رکندڙ گوگل ماهرن جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو. جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. وفد جي سربراهي ٽي?? ويلي جي چيف ايگزيڪيٽو آفيسر ڪر?? رهيو هو. ملاقات ۾ پارليامينٽ جي ڊجيٽلائيزيشن بابت معاملن کي غور هيٺ آندو ويو. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف چيو ته قومي اسيمبلي جي ڊجيٽلائيزيشن سان ميمبرن ۽ اسٽاف جي صلاحيت ۾ اضافو ٿيندو. ڊجيٽلائيزيشن سان اسيمبلي جي ڪارروائي وڌيڪ موثر ۽ نتيجا خيز ٿيندي. هن چيو ته قومي اسيمبلي ۾ گوگل آفيس متعارف ڪرائن سان ڏکڻ ايشيا جي پهرين پيپر ليس پارليامينٽ ٺهي ويندي، ڊ??يٽلائيزيشن ۽ گوگل آفيس پارليامينٽ جي ماحول کي تبديل ڪري ڇڏيندي. ڊجيٽلائيزيشن جي منظوري کي جلد مڪمل ڪرڻ جي خواهش رکان ٿ??، هن چيو ته انفارميشن ٽي??نالاجي دنيا کي هڪ گوبل وليج ٺاهي ڇڏيو، انفارميشن ٽي??نالاجي جي استعمال سان پارليامينٽ جي ڪارڪردگي کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهبو، ان موقعي تي سي اي او ٽي?? ويلي شريڪ ٿيندڙن کي بريفنگ ڏني، بريفنگ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ ڏکڻ ايشيا جي پهرين پارليامينٽ آهي جنهن کي ڊجيٽلائيز ڪيو پيو وڃي، ٽي?? ويلي پارليامينٽ جي ڊجيٽلائيزيشن جيڪا گوگل پارٽنر آهي، قومي اسيمبلي جي مختلف آفيسن ۾ ڪم ڪندڙ عملي جي ڊجيٽلائيزيشن جي تربيت جو انعقاد ڪيو ويو آهي.