ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (اي پي پي) بل??چس??ان ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، بل??چس??ان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي شروعات صوبائي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي، ڪوئيٽا گريزن سميت سڄي صوبي ۾ فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ جي ترقي، سلامتي، يڪجهتي، مسلمان امت جي اتحاد ۽ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ ڪاميابي جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، بل??چس??ان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سڀ کان وڏي تقريب ڪوئيٽا ۾ صوبائي اسيمبلي جي باغيچي ۾ ٿي جتي بل??چس??ان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو قومي جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جي شروعات ڪئي، ان ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي بل??چس??ان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي ۽ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيندي اسان اڳتي وڌي رهيا آهيون، 27 رمضان المبارڪ تي وجود ۾ آيل هي ملڪ الله تعاليٰ جي نعمت آهي اسان کي گڏج?? تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ذات پات، قوميت، سنڌي، پنجابي، بلوچ، پشتون مان نڪري هڪ قوم جي حيثيت سان اڳتي وڌڻو پوندو. پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ ڪير به ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي.