اسلام آباد – 19 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان حڪومت اعليٰ تعليم جي شعبي ۾ سڌارن ۽ ان شعبي کي عالمي معيار سان هم آهنگ ڪرڻ جي لاءِ ق??م کڻي رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن هرٽفورڊ شائر يونيورسٽي برطانيا جي وائيس چانسلر پروفيسر ڪوئنٽن ميڪ ??يلر سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاق??ت ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پڻ موجود هئي. ملاق??ت ۾ پاڪستان ۾ اعليٰ تعليم جي شعبي جي حوالي سان تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته حڪومت جي ترجيح آهي ته آءِ ٽي جي شعبي ۾ جدت ۽ نوجوان نسل کي آءِ ٽي سروسز جي تربيت حا??ل ڪرڻ ۾ آساني فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته حڪومت نوجوانن کي آءِ ٽي اسڪلز حا??ل ڪرڻ ۾ مدد جي لاءِ ليپ ٽاپ جي فراهمي جو پروگرام ٻيهر شروع ڪرڻ وڃي رهي آهي، ملڪ ۾ اعليٰ تعليم حا??ل ڪرڻ جي لاءِ هڪ جهڙا م??قعا فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي. وزيراعظم چيو ته برطانيا پاڪستان جي وچ ۾ تعليم جي ميدان ۾ تعاون جا وسيع موقعا م??جود آهن.