اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو آهي ته عالمي اقتصادي بحران جي ڏس ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ?? وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏيڻ جي ضرورت آهي. ازبڪستان جي شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن جي سالياني اجلاس جي لاءِ روانو ٿيڻ جي موقعي تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم دنيا جي 40 سيڪڙو آبادي جي خواهشن ۽ امنگن جي ويزن جي عڪاسي ڪري ٿي. عالمي اقتصادي بحران جي گهرج آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي وچ ?? وڌيڪ تعاون کي فروغ ڏنو ويندو. وزيراعظم محمد شهباز شر??ف چيو ته پاڪستان گڏيل ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ گڏيل اعتماد ۽ احترام تي ٻڌل ”شنگهائي اسپرٽ“ جي عزم کي ورجائي ٿو. وزيراعظم چيو ته شنگهائي تعاون تنظيم جيو ??ول??ٽيڪل ۽ جيو اڪنامڪ جي شعبن ۾ ٿيندڙ پريشان ڪندڙ تبديلين جي دور ۾ اڳتي وڌڻ جو رستو متعين ڪري سگهي ٿي.