اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ خوفناڪ ٻوڏ جي متاثرين جي لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان امدادي سامان جي اڏامن جي اچڻ جو سلسلو جاري آهي، هيستائين مختلف ملڪن مان 115 اڏامون امدادي سامان کڻ?? پ??ڪستان پهچي ويون آهن. پرڏيهي آفيس پاران جاري انگن اکرن موجب ٻوڏ متاثرين جي لاءِ گڏيل عرب امارات مان هيستائين مجموعي طور تي 41، ترڪيه مان 13، چين مان 4، ازبڪستان مان هڪ، قطر مان 4، فرانس مان هڪ، يونيسيف جون 3، گڏيل قومن جي پناهگيرن جي اداري (يو اين ايڇ سي آر) جي گڏيل عرب امارات مان ايندڙ 13 اڏامون، ترڪمانستان جي هڪ، اردن جي هڪ، عالمي خوراڪ واري اداري جون 3، آم??يڪ?? جون 21، برطانيا جي هڪ، نيپال جي هڪ، عمان جون 5 ۽ سعودي عرب جون 2 اڏامون امدادي سامان کڻ?? پ??ڪستان پهتيون آهن. امدادي اڏامن کانسواءِ ترڪيه ج??ن 2 ٽرڪون ۽ ريل گاڏيون، تاجڪستان مان 87 ٽرڪون ۽ عمان مان پاڻي جي هڪ ??ها?? ذريعي به امدادي سامان پاڪستان پهچي چڪو آهي.