اسلام آباد – 04 – جنوري (اي پي پي) ڪلائميٽ ريزيليئنٽ پاڪستان عالمي ڪانفرنس 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ٿيندي، وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتيرس ڪانفرنس جي گڏيل طو?? تي ميزباني ڪندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب عالمي ڪانفرنس تازي تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ ??تاثر علائقن ۾ مو??مي??تي لحاظ کان هڪ لچڪدار ۽ بهتر انداز ۾ نئين سر تعمير جي لاءِ ??اڪستان جي عو??م ۽ حڪومت جي لاءِ عالمي حمايت حاصل ڪرڻ جي لاءِ ??ڪ پليٽ فارم طو?? تي ڪم ڪندي جهڙي نموني ملڪ ريسڪيو ۽ ريليف جي مرحلي مان بحالي ۽ نئين سر تعمير جي اهم ڪم طرف وڌي رهيو آهي. پاڪستان ان ڪانفرنس ۾ ريزيليئنٽ ريڪوري، بحالي ۽ نئين سر تعمير جو فريم ورڪ (4 آر ايف) پيش ڪندو جيڪو ان فريم ورڪ کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ عالمي تعاون ۽ ڊگهي مدي واري حصيداري جو خواهشمند آهي. ان ۾ کليل، شفاف ۽ گڏيل تعاون سان گڏ ان کي لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ??الياتي طريقيڪار ۽ اداراجاتي انتظام شامل آهن. ڪانفرنس جي پروگرام ۾ هڪ اعليٰ سطحي افتتاحي سيشن شامل هوندو جنهن جي سربراهي وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري ڪندا، ان کانپوءِ 4 آر ايف دستاويز جو باضابطا افتتاح ٿيندو ۽ پارٽنر سپورٽ جا اعلان ٿيندا. وزيراعظم ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل گڏيل طو?? تي ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه پڻ ڪندا. ڪانفرنس ۾ وزيراعظم پاڪستان ترقياتي حصيدارن جي تعاون سان ٻوڏ کان متاثر آبادي جي بحالي ۽ تباهه ٿيل انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ ملڪ کي وڌيڪ متحرڪ ۽ پائيدار اقتصادي ترقي جي ماڊل طرف منتقل ڪرڻ جي لاءِ ??اڪستان جي ويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پاڪستان جا وفاقي وزير فريم ورڪ دستاويز جي وضاحت ڪندا ۽ مو??مي??تي لچڪ ۽ موافقت جي لاءِ ??اڪستان جو ڊگهي مدي وارو منصوبو پڻ پيش ڪندا. ان کانسواءِ چئني صوبن جو موقف لاڳاپيل صوبائي نمائندا بيان ڪندا. ڪانفرنس ۾ ملڪي ۽ حڪومتي سربراهه، وزير ۽ ڪيترن ئي ملڪ جا اعليٰ سطحي نمائندا ۽ عالمي مالياتي ادارن، فائونڊيشنز ۽ فنڊز سان گڏوگڏ عالمي ترقياتي تنظيمون، نجي شعبا، سول سوسائٽي ۽ آءِ اين جي اوز جا نمائندا شرڪت ڪندا. اها ڪانفرنس 4 آر ايف دستاويز جي بنياد تي پاڪستان جي دوستن ۽ ترقياتي حصيدارن سان ڊگهي مدي واري حصيداري قائم ڪرڻ ۾ مددگار ثابت ٿيندي ۽ بحالي ۽ نئين سر تعمير جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي عوام سان عالمي يڪجهتي جي اظهار طو?? ڪم ڪندي.