اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات (يو اي اي) جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن کي مضبوط کان مضبوط تر بڻائڻ جا خواهشمند آهيون، پاڪستان ۽ يو اي اي جي وچ ۾ واپاري، اقتصادي ۽ سيڙپڪا??ي ??ي شعبن ۾ تعاون جا وسيع موقعا موجود آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پريس رليز موجب وزيراعظم پاڪستان جي سمورن لاڳاپيل ادارن جي مڪمل تيا??ي ??ان يو اي اي جي دو??ي ??ي وڃي رهيو آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف پنهنجي ٻن ڏينهن جي يو اي اي جي دو??ي ??ي حوالي سان جائ??ه اجلاس جي صدارت ڪئي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۽ گڏيل عرب امارات جي لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وڃڻ چاهيون ٿا. ان سلسلي ۾ وسيع موقعا موجود آهن جن جو ٻنهي ملڪن کي ڀرپور فائدو کڻڻ گهرجي. وزيراعظم گڏيل عرب امارات جي صدر شيخ محمد بن زيد النهيان جي دعوت تي سڀاڻي خميس کان ٻن ڏينهن جي دو??ي ??ي روانو ٿي رهيو آهي. دو??ي ??وران ٻطرفي گڏيل معاشي ۽ اقتصادي لاڳاپن ??ي فروغ لاءِ وزيراعظم اماراتي اڳواڻن، واپارين ۽ سيڙپڪارن سان ملاقاتون ڪندو.