اسلام آباد – 11 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان افغانستان جي گادي واري شهر ڪابل ?? اربع ڏينهن ٿيندڙ دهشتگردي جي ان بزدلاڻي حملي جي سخت م??مت ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ قيمتي جانيون ضايع ۽ ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پا??ان جاري بيان ۾ چيو ويو آهي ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام سوڳوار خاندانن ??ان پنهنجي گهري همدرديءَ ۽ تعزيت جو اظهار ڪن ٿا. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته دهشتگردي جي لعنت جي خلاف جنگ ۾ پنهنجي افغان ڀائرن ۽ ڀينرن ??ان يڪجهتي ??ان گڏ بيٺل آهيون.