اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ملڪ جي عالم سڳورن تي زور ڏنو آهي ته اهي قرآن، سنت ۽ حديث نبوي ﷺ جي روشني ۾ اسلام جي حقيقي تعليم کي اجاگر ڪري انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي خاتمي لاءِ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪن. صدر اهڙن خيالن جو اظهار علماءِ مشائخ يڪجهتي ڪائونسل آف پاڪستان جي وفد سان ڳالهائيندي ڪيو، جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس مل??قات ڪئي. وفد جي قيادت علماءِ مشائخ يڪجهتي ڪائونسل آف پاڪستان جي چيئرمين قاري هدايت الله ميراڻي ڪري رهيو هو. وفد ۾ محمد يونس قريشي، مولانا گل ولي، ميجر ا??تشام الدين ڪياني، پروفيسر عبدالغفار شاهه بخاري، عبدالرحيم عباسي، نور الاهي، فهد مقصود، حميد الله خان، شيخ مظهر حسين، شيخ ضياءَ الرحمان، عالم مفتي محمود احمد تبسم ۽ جمال خان شامل هئا. صدر وفد سان ڳالهائيندي چ??و ته پاڪستان ۾ دهشتگردي ۽ عسڪريت پسندي جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ انتهاپسندي جي خاتمي ۽ دهشتگردي جي خاتمي جي شعبن ۾ عالم سڳورن پاران گڏيل ڪوششن سان هڪ جامع ايڪشن پلان جي ضرورت آهي. صدر انتهاپسندي جي حوصلا شڪني، سماجي سڌارن ۾ ڪردار ا??ا ڪرڻ جي لاءِ عالم سڳورن تي زور ڏيندي چ??و ته عالم سڳورا مثبت سماجي تبديلي آڻڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪن. صدر چ??و ته معاشري ۾ انتهاپسندي، دهشتگردي ۽ فرقيواريت جي حوصلا شڪني ڪرڻ جي ضرورت آهي. عالم سڳورا اخلاقي قدرن، وسيلن جي بچت جي فروغ ۾ پنهنجو ڪردار ا??ا ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي چ??و ته عالم سڳورا قومي يڪجهتي، مذهبي رواداري ۽ بين المذاهب هم آهنگي ۽ امن کي فروغ ڏين. صدر چ??و ته اها مذهبي اسڪالرن جي ذميواري آهي ته اهي اسلام جي حقيقي تعليم کي ماڻهن خاص طور تي ملڪ جي نو??وا??ن ۾ عام ڪن، سماجي سڌارا آڻڻ ۽ معاشري ۾ نيڪي، اخلاقيات کي فروغ ڏين. هن چ??و ته پاڪستان نظم ۽ ضبط، استقامت، اخلاقي راست بازي ۽ سماجي انصاف کي فروغ ڏئي ترقي ڪري سگهي ٿو ۽ عالمي دنيا ۾ پنهنجو صحيح مقام حاصل ڪري سگهي ٿو. صدر چ??و ته عالم سڳورن کي معاشري ۾ فرق کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ٺوس ڪوششون ڪرڻ گهرجن ۽ ملڪ ۾ اتحاد ۽ يڪجهتي کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چ??و ته نو??وا??ن کي رواداري، درگذر ۽ امن جي تعليم ڏني وڃي ڇو ته اها سنت رسول صه آهي. صدر چ??و ته اسلام وسيلن جي تحفظ ۽ زيان کان بچائڻ تي زور ڏنو آهي. عالم سڳورا مسجدن ۾ جمعي جي خطبي ذريعي وسيلن خاص طور تي ٻارڻ ۽ توانائي جي اعتدال ذميواراڻي ۽ پائيدار ا??تعمال کي فروغ ڏيڻ ۾ مدد ڪن.