اسلام آباد– 01 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي بنون ۾ آءِ اي ڊي ڌماڪي ۾ شهيد ٿيندڙ سپاهي گل??ير جي والد سان ٽيليفون تي ??فسوس جو اظهار ڪيو. ايوان صدر جي پريس ??نگ پاران جاري بيان موجب صدر ٽيليفونڪ رابطي ۾ سپاهي گل??ير شهيد جي پونيئرن سان همدردي جو اظهار ۽ ملڪ جي لاءِ جان جو نذرانو پيش ڪرڻ تي ??هيد کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر شهيد جي درجن جي بلندي ۽ سندس گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل جي دعا پڻ ڪ??ي. ڳاله?? ٻولهه دوران شهيد جي والد صدر کي شهيد گل??ير جي شهادت جي جذبي بابت پڻ ٻڌايو ۽ ملڪ جي لاءِ قربان ٿي وڃڻ جي پنهنجي ۽ پنهنجي خاندان جي عزم کي ورجايو. صدر شهيد جي خاندان ۽ شهيد جي حب الوطني جي جذبي کي ساراهيو. صدر پاران شهيد جي خاندان کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو.