اسلام آباد – 14 – فيبروري (اي پي پي) انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي (آءِ اي اي اي) جو ڊائريڪٽر جنرل 15 ۽ 16 فيبروري تي پاڪستان جو دورو ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب رافيل ماريانوگروسي ڊائريڪٽر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي 15 کان 16 جنوري تائين پاڪستان جو دورو ڪندو. ڊي جي آءِ اي اي اي پنهنجي ٻن ڏينهن جي دوري دوران اعليٰ سطحي ملاقاتون ڪندو ۽ جوهري ٽيڪن??لا??ي جي مختلف ادارن جا دورا ڪندو جن ۾ صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي پيداوار جي شعبي جا ادارا شامل ??هن. بيان موجب هي دورو پاڪستان ۽ آءِ اي اي اي کي ملڪ جي سما??ي ۽ اقتصادي ترقي جي لاءِ جوهري ٽيڪن??لا??ي جي پرامن استعمال جي شعبي ۾ جاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جا موقعا ڳولڻ جو موقعو فراهم ڪندو. پاڪستان 1957ع کان ايجنسي جو باني ميمبر آهي ۽ آءِ اي اي اي سان پراڻو ۽ گڏيل طور تي فائديمند تعاون ڪري رهيو آهي.