اسلام آباد– 13 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته پ??ڪس??ان جو آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي اتحاد جو ضامن آهي، ملڪي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ئي آهي، آئين سمورين صوبائي اڪائين کي گڏ کڻي هلي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن شهداءِ جمهوري?? جي ياد ۾ منعقد تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته پ??ڪس??ان جي آئين جي گولڊن جوبلي جي سلسلي ۾ تقريبون منعقد ڪيون پيون وڃن، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ ۽ قوم کي 1973ع جو متفقه آئين ڏنو، 1973ع جو آئين قائد عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي امانت آهي، ملڪ جو آبادگار ۽ مزدور طبقو اڄ به شهيد ڀٽو کي ياد ڪري ٿو، هو مل?? جي غريب طبقي جو آواز بڻيو. هن چيو ته هر آمراڻي دور ۾ پ??ڪس??ان جي آئين جي لاءِ ڏکيو امتحان رهيو، اڄ اسان جنهن وقت مان گذري رهيا آهيون اهو به هڪ امتحان آهي، مل?? جي سلامتي ۽ ترقي آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني ۾ ئي آهي، ملڪ آئين تحت هلندو ته عوام کي ان جا حق ملندا. پرڏيهي وزير چيو ته تاريخ گواهه ??هي ته جڏهن به آئين جي خلاف فيصلا ٿيا ملڪ کي مشڪلاتن کي منهن ڏيڻو پيو، ملڪ کي تازين مشڪلاتن مان ڪڍڻ جي لاءِ سمورين سياسي پارٽين کي متحد ٿي ??رد??ر ادا ڪرڻو پوندو. هن چيو ته پ??ڪس??ان جو آئين شهرين جي حقن، وفاق ۽ اڪائين جي اتحاد جو ضامن آهي، ملڪ آئين تحت هلندو ته عوام کي ان جا حق ملندا، تاريخ گواهه ??هي ته جڏهن به آئين ٽوڙيو ويو ملڪ کي نقصان کڻڻو پيو.