اسلام ??با?? – 15 – فيبروري (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??داري سان ڊائريڪ??ر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانو گروسي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير اٽامڪ انرجي کي صحت، زراعت، صنعت ۽ بجلي جي شعبن ۾ استعمال ڪرڻ جي اهميت تي زور ڏنو. ڊي جي انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي پاڪستان جي نيوڪليئر صلاحيتن کي ساراهيو. ڊائريڪ??ر جنرل انٽرنيشنل اٽامڪ انرجي ايجنسي رافيل ماريانوگروسي پاڪستان جي ٻن ڏينهن جي دوري تي اسلام ??با?? ۾ آهي.