اسلام آباد – 16 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زلزلي متاثرين سان يڪجهتي جي لاءِ 16 ۽ 17 فيبروري ??ي ترڪيه جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري ??يان موجب انقره ۾ پنهنجي قيام دوران وزيراعظم ترڪيه جي صدر رجب طيب اردوان سان ملاقات ڪندو ۽ زلزلي سان قيمتي جانين جي زيان تي تعزيت ۽ وڏي پئماني تي ٿيندڙ نقصان تي پوري پاڪستاني قوم پاران دلي همدرديءَ جو اظهار ڪندو. وزيراعظم مشڪل جي هن گهڙيءَ ۾ ترڪ عوام سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ جاري ??مدادي ڪوششن ۾ هر ممڪن تعاون جاري ??کڻ جي پاڪستان جي پڪي عزم کي ورجائيندو. وزيراعظم ڏکڻ ترڪيه ۾ زلزلي کان م??اثر علائقن جو دورو پڻ ڪندو ۽ علائقي ۾ مقرر پاڪستاني سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيمن سان گڏوگڏ زلزلي متاثرين سان پڻ ڳالهه ٻولهه ڪندو. ڏکڻ ترڪيءَ ۾ تباهي ??ڻيندڙ زلزلي جي ڏس ۾ وزيراعظم 6 فيبروري ??ي صدر رجب طيب اردوان سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه پڻ ڪئي هئي ۽ انهن کي ريسڪيو ۽ ريليف جي ڪوششن ۾ هر ممڪن م??د جي خاطري ڪرائي هئي. پاڪستان پاران پنهنجي ترڪ ڀائرن ۽ ڀينرن جي مدد جي لاءِ سمورن دستياب وسيلن کي مڪمل طور تي متحرڪ ڪيو ويو آهي. وزيراعظم ذاتي طور تي امدادي سرگرمين جي نگراني ڪري ??هيو آهي. واضح رهي ??ه پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ گهرا ڀائراڻا لاڳاپا آهن، اسان جا ٻئي ملڪ هر آزمائش ۽ مصيبت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل رهيا آهن. ترڪيه ۾ 6 فيبروري ??ي تباهي ??ڻيندڙ زلزلي سان هزارين م??ڻهو مارجي ويا.