اسلام آباد – 24 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان ۽ ملائيشيا جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت ايندڙ هفتي ڪوالالمپور ۾ ٿيندي. اها ڳالهه پ??ڏيهي آفيس جي ترجمان پريس بريفنگ ۾ ٻڌائي. هن چيو ته ٻ??هي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي سياسي مشاورت جي ايجنڊا ۾ سياسي، سيڪيورٽي ۽ فوجي تعاون کانسواءِ واپار ۽ سيڙپڪاري جا لاڳاپا، سائنسي ۽ ٽيڪنالاجي ۾ تعاون، صحت، سياحت ?? ثقافت تي ڳالهه ٻ??لهه شامل آهي. ترجمان چيو ته ڌريون علائقائي ۽ عالمي مسئلن بشمول ايشيا پيسفڪ خطي ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، موسمياتي تبديلي ۽ اسلامو فوبيا تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪنديون.