اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان يورپي يونين پاران پاڪستان کي هائي رسڪ ملڪن جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي جي آجيان ڪئي آهي. پرڏيه?? آفيس جي ت??جمان پاران جاري بيان موجب ان قدم سان مني لانڊرنگ جي خاتمي/ دهشتگردي جي مالي معاونت جي خاتمي ۾ فني مسئلن تي ضابطو آڻڻ ۾ پاڪستان جي ڪارڪردگ?? کي تسليم ڪيو ويو آهي. ترجمان چيو ته اهو قدم نومبر 2022ع ۾ برطانيا جي پاڪستان کي ا??ڙي طرح جي فهرست مان ڪڍڻ جي فيصلي کانپوءِ سامهون آيو آهي. هن چيو ته فهرست مان نڪرڻ سان پاڪستان ۽ يورپي يونين جي ادارن جي وچ ۾ مالي ڏيتي ليتي ۾ آساني ٿيندي. ترجمان وڌيڪ چيو ته پاڪستان يورپي يونين سان گڏيل طور تي فائديمند اقتصادي ت??اون جي لاءِ ترق?? کي اڳتي وڌائڻ ۽ حصيدار ملڪن سان اينٽي مني لانڊرنگ/ سي ايف ٽي حڪومتن جي اپ گريڊيشن ۾ پنهنجو تجربو شيئر ڪرڻ جو منتظر آهي.