اسلام آباد – 03 – اپريل (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته اتحادي پارٽين جي اجلاس ۾ عدالتي بائيڪاٽ نه پر ڪارروائي تي بي اعتمادي جي اظهار جو ف??صلو ٿيو هو. قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي وز??راعظم چيو ته قانون وارو وز??ر جنهن ميٽنگ جو حوالو ڏئي رهيو آهي اها سموري اتحادي پارٽين جي قائدين، اڳواڻن ۽ قانوني ماهرن جي ميٽنگ هئي، پي ايم ايل جي صدر جي حيثيت سان ان اجلاس جي صدارت مون ڪئي هئي. وز??راعظم چيو ته اجلاس ?? فيصلو ٿيو هو ته موجوده بئنچ تي بي اعتمادي جو اظهار ڪيو ويندو، بائيڪاٽ جو لفظ ڪٿي استعمال نه ٿيو.