اسلام آباد – 11– اپ??يل (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو ز??دا??ي چيو آهي ته سعودي عرب ايران سفارتي لاڳاپن جي بحالي خطي جي امن جي لاءِ انتهائي اهم آهي. اهڙن خيالن ??و اظهار هن پاڪستان ۾ سعودي عرب جي سفير نواف بن سعيدالمالڪي سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ساڻس پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن تي خيالن ??ي ڏي وٺ ڪئي وئي. پرڏيهي وزير چيو ته پاڪستان سعودي عرب سان پنهنجي لاڳاپن کي انتهائي اهميت ڏي ٿو. بلاول ڀٽو ز??دا??ي ملاقات ۾ سعودي قيادت جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. هن هر مشڪل گهڙيءَ ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ تي سعودي قيادت جا ٿورا مڃيا.