اسلام آباد – 13– اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي زرعي ترقياتي بئنڪ جي اسسٽنٽ نائب صدر کي عورتن کي هراسان ڪرڻ تي ن??ڪر?? مان ڪڍڻ جي سزا برقرار رکندي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي فيصلي جي خ??اف جوابدار جي درخواست رد ڪري ڇڏي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اسسٽنٽ نائب صدر (جوابدار) تي عورت ??فيسر کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جو الزام ثابت ٿي ويو هو. صدر هراسمينٽ جي خاتمي بابت وفاقي محتسب پاران جوابدار تي هنيل 5 لک جي ڏنڊ کي وڌائي 6 لک رپيا ڪري ڇڏيو. صدر معاملي تي زرعي ترقياتي بئنڪ جي درخواست کي پڻ رد ڪري ڇڏيو. صدر چيو ته جوابدار هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪارروائي ۾ ڪنهن بي ضابطگي جي نشاندهي ۾ ناڪام رهيو، معاملي تي هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب جي ڪارروائي ثبوتن جي صحيح جانچ تي ٻڌل آهي. صدر چيو ته پاڪستان ۾ آئين، قانون ۽ ان کي لاڳو ڪرڻ جو پيغام چٽو ۽ واضح آهي، اسان هڪ اهڙو معاشرو چاهيون ٿا جتي عورتن کي ڪم ڪرڻ جي آزادي هجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته اهڙي معاشري جو قيام چاهيون ٿا جتي سمورين عوامي جاين تي عورتن جي لاءِ محفوظ ماحول هجي. صدر چيو ته شڪاي?? ڪندڙ کي قانون ۽ قاعدن جي سراسر خ??اف ورزي ڪندي ن??ڪر?? تان برطرف ڪيو ويو، عورت ??ڪاي?? ڪندڙ جي خ??اف ڪا باقاعده انڪوائري نه ڪئي وئي ۽ نه ئي ٻڌڻي جو موقعو ڏنو ويو. صدر چيو ته متاثر عورت ??ي برطرفي جو حڪم غيرقانوني اهي، برقرار نه ٿو رهي سگهي، شڪاي?? ڪندڙ اڃا به بئنڪ جي ملازم آهي، اڄ تائين پنهنجي سمورن فائدن جي حقدار آهي، جوابدار جنسي هراسمينٽ جي الزام تي شڪاي?? ڪندڙ کان جرح ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو. صدر چيو ته شڪاي?? ڪندڙ پاران پيس ڪيل ثبوت ڀروسي جوڳا لڳي رهيا آهن. تفصيل موجب گوجرانوالا ۾ زرعي ترقياتي بئنڪ جي برانچ ۾ ڪم ڪندڙ هڪ عورت ??فيسر جوابدار جي خ??اف هراسان ڪرڻ جي شڪايت داخل ڪرائي، عورت ??لزام هنيو ته جوابدار جي آفيس ان جي آفيس جي ويجهو هئي، موبائيل فون تي ان جي وڊيوز رڪارڊ ڪندي پڪڙيو ويو. شڪاي?? ڪندڙ حلفنامو پيش ڪيو ته جوابدار ان کي جنسي طور تي هراسان ڪيو ۽ جسماني طور تي ڇُهيو. جرح ۾ جوابدار جنسي هراسمينٽ جي مخصوص الزام تي ڪو سوال نه ڪيو. هراسمينٽ جي خاتمي بابت محتسب پنهنجي فيصلي ۾ جوابدار کي شڪاي?? ڪندڙ کي جنسي طور تي هراسان ڪرڻ جو ڏوهاري قرار ڏنو هو.