اسلام آباد – 15 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب ناليواري دانشور استاد، ڊراما نگار ۽ شاعر ??يض احمد فيض جي ناٺيءَ شع??ب هاشمي جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن چيو ته شع??ب هاشمي جي لاڏاڻي جي خبر ٻڌي افسوس ٿيو، مرحوم پي ٽي وي جي شروعاتي دور جي پروگرامن جو خالق هو. شع??ب هاشمي جا پي ٽي وي پروگرام اڪڙ بڪڙ، سچ گپ، ٽال مٽول تمام گهڻا مشهور ٿيا. مرحوم جي تدريس جي شعبي سميت شوبز انڊسٽري جي لاءِ خدمتن کي سدائين ياد رکيو ويندو. اطلاعات واري وفاقي وزير مرحوم جي گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي دعا ڪئي ته الله تعال??ٰ مرحوم کي جنت ۾ اعل??ٰ مقام ۽ پونئيرن کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جي همت ۽ حوصلو عطا فرمائي.