اسلام آباد -10 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سمورين ڏکيائين باوجود ٽيڪس فري متوازن بجيٽ پيش ڪرڻ تي اقتصادي ٽيم کي ساراهيندي چيو ته معيشت کي سڌارن جي شديد ضرورت آهي، اهو سياسي استحڪام سان ئي ممڪن آهي، ميثاق معيشت عوام جي خوشحالي ۽ ترقي جو واحد رستو آهي، سرڪاري ملازمن جي ??گهارن ۾ 35 سيڪڙو تائين ۽ پينشنرن کي 17.5 سيڪڙو اضافي جي صورت م رليف ڏنو آهي. پنهنجي ??وئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته ٻوڏ متاثر علائقن ۾ رليف ۽ بحالي، عالمي سپلاءِ چين ۾ رڪاوٽن ۽ جيو اسٽريٽجڪ تبديلين سبب پيدا ٿيندڙ مسلسل چئلينجن کي نظر ۾ رکندي ??يندڙ مالي سال جي بجيٽ ٺاهڻ خاص طور تي هڪ ڏکيو ڪم هو. عمران نيازي طرفان پيدا ٿيل سياسي ع??م استحڪام جي ??ه ختم ٿيڻ واري سلسلي معيشت کي نقصان پهچايو ۽ غيريقيني صورتحال پيدا ڪئي. جيئن ته ملڪ هڪ سال کان وڌيڪ عرصي تائين ڏکيائين جو شڪار رهيو، وزيراعظم چيو ته بجيٽ معيشت جي ڊگهي مدي واري بيمارين کي صحيح ڪرڻ واري عمل جي شروعات جي ??مائندگي ڪري ٿي، ات??ادي ??ڪومت انهن شعبن کي ترجيح ڏني آهي، جيڪي اقتصادي ??رقي کي تيز ڪرڻ، سيڙپڪاري کي راغب ڪرڻ ۽ معيشت کي پاڻڀرو بڻائڻ جي صلاحيت رکن ٿا. وزيراعظم چيو ته مهانگائي جي اثرن کي نظر ۾ رکندي ??ڪومت سرڪاري ملازمن ۽ پينشنرن جي ??گهارن ۾ ترتيبوار 30- 35 ۽ 17.5 سيڪڙو تائين اضافي جي صورت ۾ رليف فراهم ڪيو آهي. گهٽ ۾ گهٽ مزدورو جو اجورو وڌائي 32 هزار رپيا ڪيو ويو آهي. هن چيو ته هڪ وڌيڪ متوازن بجيٽ جنهن ۾ ڪو به نئون ٽيڪس نه لڳايو وڃي، موجوده ڏکين حالتن ۾ ممڪن نه هو، آئون انهن سمورن ماڻهن جي ساراهه ڪيان ٿو جيڪي بجيٽ ٺاهڻ جو حصو رهيا ۽ انهن پنهنجو ڪردار ادا ڪيو. وزيراعظم چيو ته معيشت کي سڌارن جي شديد ضرورت آهي جيڪو هڪ مستحڪم سياسي ماحول ۾ ڪري سگهجي ??و ڇو جو معاشي ترقي جو تعلق سياسي استحڪام سان آهي، ات??ن ئي ميثاق معيشت اسان جي سياسي پارٽين لاءِ پنهنجي عوام جي خوشحالي لاءِ اڳتي وڌڻ جو واحد رستو نظر اچي ٿو.