اسلام آباد – 19 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميرين سان يڪجهتي ۽ حمايت جي عزم ج?? ورجاءُ ڪندي عالمي برادري کان گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد جو مطالبو ڪيو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام الحاق ڏهاڙي جي موقعي تي پاڪستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير، ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۽ دنيا جي ٻين حصن ۾ رهندڙ ڪشميرين سان پنهنجي حمايت ۽ يڪجهتي جو اظهار ڪن ٿا. هي ڏينهن 1947ع ۾ سرينگر ۾ ٿيندڙ ڪنوينشن ۾ آل ڄمون ۽ ڪشمير مسلم ڪانفرنس پاران هڪ قرارداد جي منظوري جي ياد ڏياري ٿو جنهن ۾ ڪشمير ??ي پاڪستان سان ضم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو هو. هن چيو ته اسان ڪشميرين تي ڀارتي ظلم ۽ انساني حق?? جي سنگين خلاف ورزين جي شديد مذمت ڪريون ٿا ۽ گڏيل قومن ۽ عالمي برادري کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي گڏيل قومن جي قراردادن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائين. هن چيو ته ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن ح?? کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڪڏهن به پائيدار امن حاصل نه ڪري سگهبو ۽ ان جي حق??قي ترقي جي صلاحيت مان موقعو نه کڻي سگهبو.