اسلام آباد – 27 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات، ن??ريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته ڪجهه سببن جي ??ري درآمدي کير تي پابندي نٿا لڳائي سگهون، ماءُ جي ??ير جو ڪو متبادل نه آهي، ان حوالي سان شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. سينيٽ جي اجلاس ۾ سينيٽر ثمينه ممتاز زهري جي ملڪ ۾ بي بي فارمولا کير ۽ ان سان لاڳاپيل مصنوعات جي پيداوار ۽ وڪري کي جامع ڪرڻ ۽ نوجوان مائرن ۾ ان جي مح??وظ استعمال بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت کي بحث هيٺ آڻڻ جي رٿ تي بحث سهيڙيندي اطلاعات، ن??ريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو ته سائنس ۽ ٽيڪنالاجي واري وزارت جي ذيلي اداري پي ايس ڪيو سي اي جو ڪم درآمدي کير جي معيار کي چيڪ ڪرڻ آهي، کير ٺاهيندڙ ادارن جا پنهنجا قاعدا ۽ ضابطا آهن، حقيقت ۾ پاڪستان ۾ فارمولا کير تمام گهٽ پئماني تي تيار ڪيو وڃي ٿو، اسان درآمدي کير تي ٽي ڪروڙ 40 لک ڊالر خرچ ڪريون ٿا، 1500 ٽن فارمولا ملڪ درآمد ڪريون ٿا، ڪجهه حالتن ۾ ماءُ اهو کير نٿي پياري سگهي، ڪيترين ئي صورتن ۾ ٻارن کي فارمولا کير پيارڻ کانسواءِ ڪو چارو ناهي هوندو، ماءُ جي ??ير جو ڪو متبادل نه آهي. هن چيو ته ??لڪ ۾ سگريٽ سميت صحت جي لاءِ هاڃيڪار شين جي ??هڻائي آهي، اسان جو مُلڪ کير پيدا ڪندڙ ملڪن ۾ چوٿين نمبر تي آهي، معاشري ۾ ماءُ جو کير پيارڻ بابت آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي. ان کان اڳ رٿ تي سينيٽر ڊاڪٽر مهر تاج روغاني، سينيٽر ڊاڪٽر زرقا سهروري تيمور، سينيٽر فوزيه ارشد ۽ سينيٽر علي ظفر پڻ خيالن جو اظهار ڪيو.