اسلام آباد – 06 – نومبر (اي پ?? پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبر ضلعي جي علائقي تيرا??ه ۾ دهشتگردن سان مقابلو ڪندي ليفٽيننٽ ڪرنل ۽ 3 فوجي جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته پوري قوم کي شهيدن تي فخر آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا و??گ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم شهيد ٿيندڙ ليفٽيننٽ ڪرنل محمد حسن حيدر، نائيڪ خوش دل خان، نائيڪ رفيق خان ۽ لانس نائيڪ عبدالقدير جي درجن جي بلندي لاءِ ??عا ڪئي. نگران وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين سان همدرديءَ جو اظهار ۽ انهن جي لاءِ صبر جميل جي ??عا ڪئي. هن چيو ته پاڪ فوج جي جوانن تيرا??ه ۾ وطن جي حفاظت جي لاءِ شهادت ماڻي، مون سميت پوري قوم کي پ??هنجي شهيدن تي فخر آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان مان دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين ان جي خلاف جنگ جاري رکنداسين، ملڪ جي امن جي دشمنن جي ناپاڪ ارادن کي ڪڏهن به ڪامياب ٿيڻ نه ڏينداسين.