اسلام آباد – 21 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته نوجوان قوم جو مستقبل آهن، نوجوانن ??ي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي، يوٿ پروگرام تحت قرضن جي ورڇ ۾ انتهائي ذميواري ۽ احتياط سان ڪم ورتو وڃي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي صدارت ۾ وزيراعظم يوٿ پروگرام جي حوالي سان جائزه اجلاس اسلام آباد ۾ ٿيو. اجلاس کي وزيراعظم يوٿ پروگرام جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ??يم اسڪل ??ول??مينٽ پروگرام تحت 2013ع کان هيستائين 550000 ماڻهن کي تربيت ڏني وئي آهي، اڳئين مرحلي ۾ 56000 ماڻهن کي تربيت ڏني ويندي جنهن ۾ وڏو حصو هائي ٽيڪ اسڪلز جو هوندو. وڌيڪ اهو ته پي ??يم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت 2013ع کان جون 2023ع تائين 500000 ليپ ٽاپس نوجوانن ۾ ورهايا ويا، سال 2023ع ۾ هڪ لک ليپ ٽاپس نوجوانن کي ڏنا پيا وڃن. اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ويو ته پي ??يم يوٿ بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون اسڪيم تحت 2013 – 2023ع تائين نوجوانن کي 100.7 بلين رپين جا آسان قرض ڏنا ويا جڏهن ته پي ??يم ٽيلينٽ هنٽ اينڊ اسپورٽس ليگ تحت 83323 نوجوانن کي بيڊمنٽن، فٽبال، اسڪوائش، والي بال ۽ ٻين راندين ۾ موقعو ڏنو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پي ??يم يوٿ ڊ??ول??مينٽ پئڪيج 24 – 2023ع ۾ 80 بلين رپين جي اسڪيمز رکيون ويون آهن، انهن اسڪيمز ۾ ايجوڪيشن انڊومينٽ فنڊ، وومين امپاورمنٽ، بزنس اينڊ ايگريڪلچر لون ٽيوب ويل سولرائيزيشن، ليپ ٽاپس اسڪيم، اسپورٽس انڊومنٽ فنڊ، گرين ر??ول??شن، ڊيجيٽل هب ون ونڊو شامل آهن. اجلاس جي شرڪت ڪندڙن سان ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته نوجوان نسل قوم جو مستقبل آهن، نوجوانن ??ي ڀلائي حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن هدايت ڪئي ته يوٿ پروگرام تحت قرضن جي ورڇ ۾ انتهائي ذميواري ۽ احتياط سان ڪم ورتو وڃي. هن وڌيڪ هدايت ڪئي ته خيبرپختونخواهه جي نئين ضم ٿيل ضلعن جي نوجوانن جي لاءِ پي ??يم يوٿ اسڪيمز ۾ خصوصي اهميت ۽ ڌيان ڏنو وڃي. نگران وزيراعظم چيو ته اسڪل ڊ??ول??مينٽ اسڪيمز جي حوالي سان اهڙي حڪمت عملي جوڙڻ جي ضرورت آهي جنهن سان گهربل نتيجا حا??ل ڪرڻ ممڪن ٿي سگهي. نگران وزيراعظم هدايت ڪئي ته اسڪل ڊ??ول??مينٽ جي حوالي سان ماسٽر ٽرينرز جي لاءِ پڻ تربيتي پروگرام شروع ڪيا وڃن ته جيئن انهن جي صلاحيت ۾ اضافو ٿي سگهي ۽ اهي ٻين ماڻهن کي معياري تربيت ڏئي سگهن. اجلاس ۾ نگران وزيراعظم جي سياحت ۽ نوجوانن جي معاملن واري خاص ??عاون سيد وصي شاهه ۽ لاڳاپيل سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي.