راولپنڊي-27 ڊسمبر (اي پي پي) پاڪستان 400 ڪلوميٽرن تائين جي مفاصلي تي انتهائي د??ستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ واري فتح ٽو ميزائل جو ڪامياب تجربو ڪيو آهي. آءِ ايس پي آر موجب هي ميزائل جديد ترين ايويونڪس، نيويگيشن سسٽم ۽ منفرد اڏام جي صلاحيت سان ليس آهي. هٿيارن جو نظام 400ڪلوميٽرن جي حد تائين انتهائي د??ستگي سان هدفن کي نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو. ٽنهي هٿيار??ند فوجن جا سينئر آفيسر، سائنسدان ۽ انجنيئرز فتح ٽو ميزائل تجربي جي موقعي تي موجود هئا. صدر مملڪت، نگران وزيراعظم، چيئرمين جوائنٽ چيفس آف اسٽاف ڪميٽي ۽ آرمي چيف فتح ٽو ميزائل جي ڪامياب تجربي تي هٿيار??ند فوج جي ماهرن ۽ سائنسدانن کي مبارڪون ڏنيون.