اسل??م آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي ڀرپور طريقي سان اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيرا??ظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جا??ي بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم سان ڳالهه ٻولهه ڪندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن جي پليٽ فارم تي فلسطين مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي ??وث?? نمائندگي تي ساراهيو. نگران وزيرا??ظم انوارالحق ڪاڪڙ منير اڪرم کي گڏيل قومن ۾ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف کي لاڳيتو اجاگر ڪرڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيرا??ظم چيو ته عالمي سطح تي ملڪ جي معاشي ڀلائي جي لاءِ موقعن جي نشاندهي ڪرڻ پاڪستان جي سمورن سفارتي نمائندن جي اولين ترجيح هجڻ گهرجي. منير اڪرم نگران وزيرا??ظم کي پنهنجي مشن جي ڪارڪردگي کان آگاهه ڪيو ۽ نگران وزيرا??ظم کان پرڏيهي پاليسي جي ڏس ۾ هدايتون ورتيون.