اسلام آباد – 08 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 35 هين سارڪ چارٽر ڊي تي سارڪ ميمبر ملڪن جي عوام کي مبارڪباد پيش ڪندي چيو آهي ته اڄوڪي ڏينهن ڏاهن اڳواڻن ڏکڻ ايشيا جي ترقي لاءِ سارڪ چارٽر جوڙيو هو، اڄ جو ڏينهن خطي مان غربت، جهالت ۽ بيماري جي خاتمي طرف اسان جو ڌيان ڇڪائي ٿو، پاڪستان انفرادي، قومي ۽ خ??ي جي ترقي جي ع??ائ??ائي تعاون جي طاقت تي يقين رکي ٿو، 35 هين سارڪ چارٽر ڊي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته يقين آهي ته برابري جي اصولن تي ڪاربند رهندي موثر ع??ائ??ائي تعاون حاصل ڪرڻ کي ممڪن بڻائي سگهجي ٿو.