اسلام آباد – 20 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ڪرونا وائرس کان بچاءُ بابت عوامي آگاهي لاءِ سياسي پارٽين ۽ ميڊيا جي مثبت ڪردار کي ساراهيندي چيو آهي ته نوجوان مشڪل وقت ۾ ماڻهن جي مدد لاءِ تيار ٿي وڃن، ڊاڪٽر ان جدوجهد ۾ اسان جو هر اول دستو آهن، مون کي پورو يقين آهي ته قوم ان آزمائش ۾ وڌيڪ مضبوط ٿي اڀرندي، ڪرونا وائرس کان بچاءُ ۽ ان باري ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي وڊيو ??يغام ۾ صدر چيو ته ڪرونا وائرس سان اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي طو?? تي وڙهڻو آهي، ان مقصد جي لاءِ هن پنهنجي پاران اختي??ر ڪيل احتياطي تدبيرن جي باري ۾ به آگاهي ڏني ۽ چيو ته ملڻ جُلڻ ۾ احتياط ڪيو ??نهنجي هٿن ۽ منهن جي صفائي تي خاص ڌ??ان ڏنو وڃي.