اسلام آباد – 25 مئي (اي پي پي) وزيراعظم عم??ان خان کي ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٽيليفون ڪئي ۽ ساڻس ڪراچي ۾ جهاز جي افسوسناڪ حادثي ۾ قيمتي جاني نقصان تي تعزيت جو اظهار ڪندي هن مشڪل گهڙيءَ ۾ ترڪ قوم پا??ان پاڪستاني ڀائرن ??ي لاءِ ڀرپور حمايت جي عزم کي ورجايو. وزيراعظم ميڊيا آفيس پا??ان جاري بيان موجب ترڪيءَ جي صدر ۽ وزيراعظم هڪ ٻئي کي عيدالفطر جي مبارڪباد ڏني ۽ ڪورونا وائرس سبب پيدا ٿيندڙ صورتحال کي گڏجي منهن ڏيڻ ??ي لاءِ ٻطرفي تعاون جي فروغ تي اتفاق ڪيو. وزيراعظم عم??ان خان ترڪيءَ جي صدر کي پاڪستان ۾ ڪورونا وائرس جو ڦهل??ءُ روڪڻ ??ي لاءِ کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو.