اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي جدت تي ٻڌل انفارميشن اينڊ ڪميونيڪيشن ٽيڪنالاجي کي اس??عمال ۾ آڻڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي ??يو آهي ته جديد انفارميشن اينڊ ڪميونيڪشن ٽيڪنالاجي جو سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي ۾ بهتري آڻڻ ۾ اهم ڪردار آهي، چوٿين صنعتي انقلاب انٽرنيٽ، ورچوئل ريئلٽي ۽ مصنوعي ذهانت سان زندگي جو انداز بدلجي ويو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن سامونڊي معاملن واري وزارت جي ويب سائيٽ جاري ڪرڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.