اسلام آباد – 12 آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آمريڪا طالب??ن معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قي??ين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيندي چيو آهي ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن افغانستان جي سفير شڪرالله عاطف م??عل سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن صدر سان الوداعي ملاقات ڪئي. ايوان صدر پاران جاري بي??ن موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي افغان س??ير سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان افغانستان سان لاڳاپن کي خاص اهميت ڏي ٿو ۽ ٻطرف لاڳاپن کي گڏيل مفادن جي سمورن شعبن ۾ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي. وزيراعظم عمران خان س??ورن پاڙيسري ملڪن خاص طور تي افغانست??ن مضبوط لاڳاپن جو خواهشمند آهي. هن چيو ته پرامن ۽ مستحڪم افغانستان خطي ۽ پاڪستان جي مفاد ۾ آهي. صدر چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان کانسواءِ علائقائي ترقي ۽ واپار ممڪن نه آهي. صدر آمريڪا طالب??ن معاهدي تحت افغان لويه جرڳي جي قي??ين جي آزادي جي فيصلي کي ساراهيو.