اسلام آباد – 30 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ جي چيئرمين محمد صادق سنجراڻي اسلام آباد ۾ ڪويت جي سفارتخاني ويو جتي هن ڪويت جي امير شيخ صباح الاحمد الصباح جي لاڏاڻي تي ??عز??تي ڪتاب ۾ پنهنجا تاثر قلمبند ڪيا، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين ان موقعي ڪويت جي سفير سا?? ڳالهائيندي چيو ت?? ڪويت جو امير ترقي پسند سوچ رکندڙ عظيم اڳواڻ هو، ڪويت جي امير جي قيادت ۾ ڪويت اقتصادي ۽ معاشي ترقي جو هڪ نئون دور ڏٺو آهي، هن چيو ت?? ڪويت جي امير جي لاڏاڻي سا?? پاڪستان هڪ عظيم ۽ مخلص دوست کا?? محروم ٿي ويو.