اسلام آباد – 24 آڪٽوبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪست??ن افغانستان سان پنهنجي تاريخي دوس??ي وارن ۽ ڀائپي وارن لاڳاپن کي وڏي اهميت ڏئي ٿو. افغانستان ۾ ڪو به گروهه اسان جو فيورٽ ناهي، اسان سڀني سان هڪجهڙي سلوڪ ۽ ورتاءَ جا حامي آه??ون. اهڙو اظهار هن افغان وولسي جرڳي جي اسپيڪر مير رحمان رحماني جي قيادت ۾ افغان پارلياماني وفد سان پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات دوران ڪيو. ملاقات ۾ ٻه ط??فن، پارلياماني، ملڪي لاڳاپن، گڏيل واپار ۽ خطي جي معاشي صورتحال تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.