اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ناجائز منافع خوري ۽ ذخيرو اندوزي ۾ ملوث عنصرن جي خلاف بنا فرق سخت ڪارروائي جي هدايت ڪندي چيو آهي ته اهڙا عنصر غريب دشمن آهن جيڪي ڪنهن به رعايت جا مستحق ناهن، ضروري شين جي مناسب قيمت ??ي فراهمي ۽ وڏي مقدار ۾ دستيابي کي يقيني بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن کنڊ جي قيمتن ۽ دستيابي جي حوالي سان جائزي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزي?? ڊاڪٽر عب??ال??فيظ شيخ، صنعت وارو وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي وارو وفاقي وزير اسد عمر، وزيراعظم جو واپار با??ت صلاحڪار عب??ال??زاق دائود، ڊاڪٽر عشرت حسين، خاص مددگا?? ڊاڪٽر وقار مسعود ۽ سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. پنجاب جي چيف سيڪريٽري وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس کي پنجاب صوبي ۾ ڪمند جي فصل، ڪرشنگ ۽ کنڊ جي موجوده اسٽاڪ جي با??ي ۾ تفصيلي بريفنگ ڏني.