اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ڪجهه اڳوڻن بابوئن جي وزيراعظم کي لکيل خط تي حيران آهيان، تحريڪ انصا?? ٻاهرئين ملڪ پاڪستانين خاص طور تي پورهيتن سان گڏ هر حال ۾ بيٺل ه??ند??. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته رويا ??دلائڻ جي ضرورت آهي، عام ماڻهن سان اسان جي بيوروڪريسي جو سلوڪ قطعي طور تي فخر جوڳو نه آهي، اها عام شڪايت آهي ۽ سفارتخانا به ان کان آزاد نه آهن. ڪنهن به شعبي وانگر سفارتخانن ۾ تمام سٺا آفيسرز آهن پر اڳوڻن دورن ۾ پاڪستانين سان جيڪو سلوڪ رکيو ويندو هو ان تي داستان لکي سگهجن ٿا.