اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير چوڌري ??واد ??سي?? چيو آهي ته نبي ڪريم حضرت محمد ﷺ جي سيرت اسان جي لاءِ مشعل راهه آهي، پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ تي عمل ئي دنيا ۽ آخرت ۾ ڪاميابي جو ضامن آهي، اڄ پاڪستان کي مديني جي رياست وانگر بڻائڻ جو مقصد پنهنجي رهبر ۽ پيغمبر جي صفتن ۽ زندگي مبارڪ تي عملدرآمد جي ڪوشش آهي.
هن 12 ربيع الاول يوم ولادت رسول صه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته اسان مديني جي رياست جي تصور مان پوري طرح رهنمائي حاصل ڪري ??لڪ کي هڪ فلاحي رياست بڻايون، هاڻي منزل ايتري ??ري ??ه آه??، تمام جلد ان جا مثبت اثر مرتب ٿيندا. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته اسان کي پاڻ سڳورن جي زندگي مبارڪ مان رهنمائي حاصل ڪري ??عاشري ۾ امن ۽ ڀائيچ??ري جي فروغ ۽ انسانيت جي ڀلائي لاءِ ڪم ڪرڻو پوندو.
چوڌري ??واد ??سي?? چيو ته خاتم النبين صه جي حيات طيبه نه رڳو مسلمانن پر سموري انسانيت جي سيرت ۽ ڪردار جي تعمير ۽ اخلاق ۽ اعمال جي درستگي جو عمده مثال آهي، هن چيو ته نبي ڪريم صه جي تعليمات تي عمل ڪري اسان کي قومي، مذهبي ۽ اجتماعي مفادن کي سامهون رکندي پنهنجي سوچ ۽ روين ۾ تبديلي آڻڻي پوندي. اطلاعات و??ري وفاقي وزير چيو ته حاضر دور جي گهرج آهي ته اسان عشق محمد ﷺ کي پنهنجي ڪردار، گفتار ۽ عملي نموني سان دنيا تي ثابت ڪريون، هن دعا ڪئي ته ربيع الاول مهينو اسان جي لاءِ رحمت ۽ بخشش جو سبب بڻجي ۽ الله تعاليٰ اسان کي محسن انسانيت نبي ڪريم صه جي زندگي مبارڪ تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي ۽ ملڪ کي حقيقي ترقي ۽ خوشحالي جي راهه تي گامزن ڪري.