اسلام آباد – 02 – نومبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين م??مد صادق سنج??اڻ?? بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪ?? جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي. سينيٽ سيڪريٽريٽ پاران جاري بيان موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته اهڙي قسم جي بزدلاڻي تخريبي ڪاررواين سان ملڪ ۽ خاص طور تي بلوچستان جي امن کي نقصان پهچائڻ جي هر ڪوشش ناڪام ٿيندي، دهشتگرد پنهنجي ڪڌن مقصدن ۾ ڪڏهن به ڪامياب نه ٿيندا، دهشتگرد پوري انسانيت جا دشمن آهن. هن متاثر خاندانن سان دلي همدردي جو اظهار ڪيو. سينيٽ چيئرمين ڌماڪي ۾ زخمي ٿيندڙن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا ڪئي. هن لاڳاپيل ادارن کي زخمين کي بهترين طبي سهولتن جي فراهم?? جي هدايت ڪئي. سينيٽ جي ڊپٽي چيئرمين مرزا م??مد آفريدي، قائد ايوان ڊاڪٽر شهزاد وسيم ۽ مخالف ڌر اڳواڻ سيد يوسف رضا گيلاني پڻ بلوچستان جي علائقي خاران ۾ ڌماڪ?? جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آهي.