اسلام آباد – 09 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته مالي ۽ ڊجيٽل شموليت ج?? ذريعي عورتن کي مالي طور تي بااخت??ار بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، عورتن کي بااخت??ار بڻائڻ کانسواءِ ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، عورتن کي مالي طور تي بااخت??ار بڻائڻ ۾ حڪومت، سمورا لاڳاپيل ادارا، حصيدار ۽ معاشرو پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪري. اها ڳالهه هن يو اين ويمن ۽ عورتن جي وقار بابت قومي ڪميشن (اين سي ايس ڊبليو) جي اهتمام هيٺ ”نيشنل جينڊر پورٽل“ جي افتتاح جي موقعي تي منعقد تقريب کي خطاب ڪندي چئي.
صدر مملڪت ڪمپيوٽر ڪلڪ ج?? ذريعي پورٽل جو افتتاح ڪيو، ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر چيو ته ڊيٽا پورٽل جو قيام انتهائي خوش آئنده آهي، ڇو ته ڊيٽا کانسواءِ موثر پاليسي سازي ممڪن نه آهي، صدر چيو ته اسلام پهريون م??هب هو جنهن 14 سئو سال پهرين عورتن کي انهن جا حق ڏنا. قرآن ڪريم ۾ عورتن کي وارثت جا حق ڏيڻ جو حڪم آهي جيڪو عورتن کي بااخت??ار بڻائي ٿو. صدر چيو ته باباءِ قوم قائداعظم محمد علي جناح به عورتن کي بااخت??ار بڻائڻ جو حامي هو ۽ هُن جو چوڻ هو ته جيستائين اسان پنهنجي عورتن کي بااخت??ار نه بڻائينداسين ان وقت تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي. صدر چيو ته عورتن کي بااختياربڻائن جي لاءِ وراثت ۾ ان جو حق ضرور ڏيڻ گهرجي، پاڪستان ۾ وراثت جو قانون پهرين کان موجود آهي تنهن هوندي به ان جي موثر لاڳو لاءِ عملي قدمن سان گڏوگڏ عورتن ۽ شهرين ۾ قانون جي باري ۾ آگاهي به ضروري آهي. صدر چيو ته خاتون م??تسب ۽ صوبائي سطح تي عورت محتسبن ج?? ذريعي وراثت جي قانون تي موثر عملدرآمد ٿي سگهي ٿو، شهرين کي ان باري ۾ علم هجڻ گهرجي حڪومت جيڪي قانون ٺاهيا آهن ان موجب ڪنهن به عورت جي جائيداد تي قبضي کي محتسب خالي ڪرائڻ جو اخت??ار رکي ٿي. صدر عورتن جي تعليم جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته عورتن ۽ ٻارڙين کي تعليمي موقعن جي فراهمي ۾ حڪومت سان گڏوگڏ خاندان ۽ معاشري کي به پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي، اسڪولن م??ن ڇوڪرين جي نڪرڻ جي شرح وڌيڪ آهي جنهن تي ضابطو آڻڻ لاءِ گڏجي ڪوششون ڪرڻ گهرجن،
صدر چيو ته عورتن کي بااخت??ار بڻائڻ ۾ انهن جي صحت جو ڪردار اهم حيثيت رکي ٿو، عورتن کي صحت جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ضروري آهي، صدر عورتن کي بااخت??ار بڻائڻ ۾ احساس پ??وگ??ام جو خصوصي طور تي ذڪر ڪندي چيو ته احساس پ??وگ??ام تحت عورتن کي روڪ مدد ج?? ذريعي بااخت??ار بڻايو پيو وڃي، اها ڳالهه انتهائي خوش آئنده آهي ته ڪاروبار لاءِ حاصل ڪيل قرض جي واپسي جي شرح عورتن ۾ وڌيڪ آهي. احساس پ??وگ??ام تحت ايندڙ مرحلي ۾ عورتن کي ڌار ڌار بئنڪ اڪائونٽس جي قيام جي لاءِ قدم کنيا پيا وڃن ته جيئن هو خاندان جي دٻاءُ کان آزاد ٿي ڪري مالي طور تي خودمختياري حاصل ڪري سگهي. مالي ۽ ڊجيٽل شموليت ج?? ذريعي عورتن کي مالي طور تي بااخت??ار بڻائڻ ۾ نمايان اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي، صدر چيو ته ناخوانده عورتن کي هنر فراهم ڪرڻ وقت جي ضرورت آهي، انهي هنر کي استعمال ڪندي اڻ پڙهيل عورتون م??اشي خودمختياري جي منزل جلد حاصل ڪري سگهن ٿيون. صدر چيو ته اها ڳالهه انتهائي ضروري آهي ته معاشرو عورتن کي پيداواري عمل ۾ شموليت جا موقعا فراهم ڪري، پاڪستان م??لسل تبديلي جي طرف گامزن آهي ۽ مون کي اميد آهي ته عورتن کي مالي طور تي بااخت??ار بنائڻ ۾ حڪومت ، سمورا لاڳاپيل ادارا ۽ حصيدار پنهنجو موثر ڪردار ادا ڪندا.