اسلام آباد – 28 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته فاش??ٽ هندو توا ڀارت جو اصل چهرو هاڻي ??نيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو. ڀارت ۾ مڌر ٽريسا جي خيراتي اداري جا اڪائونٽس منجمند ڪرڻ جي خبر تي پنهنجي ٽوئيٽ ۾ صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته فاش??ٽ هندو توا ڀارت جو اصل چهرو هاڻي ??نيا جي سامهون اڀري اچي رهيو آهي، قانون هٿ ۾ کڻي مشتعل هندو گروپن ڪيترن ئي ڀارتي علائقن ۾ ڪرسمس تقريبن ۾ خلل وڌو، انتهاپسندن سانتا ڪلاز جو پتلو ساڙيو، ڪرسمس تقريبن ۽ مذهب مٽائڻ جي خلاف ن??را ه??يا?? هن چيو ته ان کان اڳ جو دير ٿي وڃي دنيا کي ڀارت ۾ وڌندڙ شدت پسندي تي خبردار رهڻو پوندو.