اسلام آباد – 14 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سا?? سياسي معاملن وا??ي ??اص مددگار ۽ چيف وهپ ملڪ عامر ڊوگر ملاقات ڪئي، ملاقات ۾ قومي اسيمبلي جي گذريل ڏينهن منعقد ٿيندڙ اجلاس ۽ قانونسازي تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم عمران خان پارٽي ۽ اتحادي پارٽين جي ميمبرن جو اهم ملڪي معاملن ۽ سپليمنٽري فنانس بل جي منظو??ي ??ي ٿورو ادا ڪيو ۽ ملڪ عامر ڊوگر جي ڪوششن کي ساراهيو. وزيراعظم اجلاس جي ميمبرن جي شرڪت ۽ قانونسازي جي حوالي سا?? ڪارڪردگي تي به رپورٽ طلب ڪئي. وزيراعظم عمران خا?? ملڪي ترقي لاءِ پارليامينٽ جي ڪردار کي مضبوط ڪرڻ ۽ موثر قانونسازي جي اهميت تي زور ڏنو. وزيراعظم عمران خان ميمبرن کي سندن تڪن جي مسئلن جي حل، ترقياتي بجيٽ جي فراهمي ۽ عوامي ڀلائي جي منصوبن جي مقرر مدي ۾ تڪميل کي يقيني بڻائڻ جون هدايتون جاري ڪيون.