اسلام آباد – 05 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اليڪشن ڪم??شن پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جي مالي مدد ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي عطئي جي جاچ جي آجيان ڪندي چيو آهي ته پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جي فنڊنگ جو باقاعده سياسي بنياد آهي. ٽوئيٽر تي جاري ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته هو اليڪشن ڪم??شن پاران پاڪستان تحريڪ انصاف جي مالي مدد ۾ سمنڊ پار پاڪستانين جي عطئي جي جاچ جي آجيان ڪري ٿو. وزيراعظم چيو ته اسان جي اڪائونٽس جي جيتري وڌي جاچ پڙتال ٿيندي قوم جي سامهون ايتريون ئي وڌيڪ حقيقتون سامهون اينديون ته هو ڪهڙي طرح پي ٽي آءِ واحد سياسي پارٽي آهي جنهن جي فنڊنگ جو باقاعده سياسي بنياد آهي، وزيراعظم چيو ته هو اليڪشن ڪم??شن پاران 2 ٻين ??ڏي?? سياسي پارٽين پاڪستان پيپلزپارٽي ۽ پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي فنڊنگ جي اهڙي طرح ج??چ پڙتال جا منتظر آهن. ان سان قوم باقاعده سياسي فنڊنگ ۽ من پسند سيڙپڪارن ۽ ذاتي ??فا?? لاءِ قوم جي قيمت تي احسان جي ذريعي ڀتو وٺڻ جو فرق ڄاڻي سگهندي.