اسلام آباد – 18 – اپريل (اي پي پي) وزي??اع??م محمد شهباز شريف راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف يورالاجي اينڊ ٽرانسپلانٽيشن ۾ علاج جي سهولتن جي باقاعده شروعات جو افتتاح ڪري ڇڏيو. وزي??اع??م انسٽيٽيوٽ جي مختلف شعبن جو معائنو ڪيو ۽ علاج جي سهولتن جو جائزو ورتو. وزي??اع??م مريضن سان به ملاقاتڪ ئي ۽ انهن کان انهن جي خيريت ۽ علاج جي سهولتن بابت معلوم ڪيو. ڊاڪٽرن کان وزي??اع??م اسپتا?? ۾ ??ختلف مرضن جي علاج بابت معلومات ورتي. ان موقعي تي وزي??اع??م کي صحت واري صوبائي سيڪريٽري ڊاڪٽر احمد جاويد قاضي تفصيلي بريفنگ ڏني. وزي??اع??م کي ٻڌايو ويو ته اتر پنجاب ۾ علاج جي ان نئين مرڪز جو قيام خوش آئنده آهي، 2009ع ۾ ان اسپتال جي منظوري ??ني وئي هئي ۽ اها 255 بسترن تي ٻڌل آهي، هتي راولپنڊي، اتر پنجاب ۽ ٻين علائقن جي ماڻهن کي علاج جي بهترين سهولتن جي فراهمي يقيني بڻائي ويندي، پهرين مرحلي ۾ اسپتال ۾ ايمرجنسي سروسز جي شروعات ٿي رهي آهي ۽ هتي ريڊيوٿراپي، يورالاجي، بلڊ بئنڪ، ڊائيلاسز، پيٿالوجي، ايمرجنسي، ٽرانسپلانٽيشن، نفرالوجي ۽ او پي ڊي سميت مختلف سهولتون فراهم ڪيون وينديون، ٻئي مرحلي ۾ رهائشي عمارتون تعمير ڪيون وينديون، هيستائين منصوبي تي 5 ارب رپين کان وڌيڪ جي رقم خرچ ٿي چڪي آهي، منصوبي جي مڪمل ٿيڻ جو مدو 30 جون 2024ع هو پر ان کي هلندڙ سال ڊسمبر کان اڳ ئي مڪمل ڪيو ويندو. وزي??اع??م صحت واري صوبائي سيڪريٽري احمد جاويد قاضي کي سندس شاندار خدمتن تي داد ??ني ۽ چيو ته هن مون سان گڏ 15، 20 سال ڪم ڪيو آهي، هي انتهائي قابل ۽ ايماندار آفيسر آهي، نيب ۽ نيازي ڳٺ جوڙ قابل آفيسرن کي جيلن ۾ وڌو، هي به نيب ۾ مون سان گڏ پيش ٿيو هو. وزي??اع??م راولپنڊي ميڊيڪل يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ڊاڪٽر عمر، ڪمشنر راولپنڊي، ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي کي پڻ بهترين انتظامن تي شاباس ڏني. ان موقعي تي قومي اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر حنيف عباسي چيو ته انسٽيٽيوٽ آف يورالوجي سالن کان بند هئي پر وزي??اع??م جي هدايت تي فوري ان تي ڪم جي شروعات ڪئي وئي، وزي??اع??م جي قيادت ۾ صحت جي شعبي ۾ تمام گهڻو ڪم ٿيو آهي، 2008ع کان اڳ راولپنڊي ۾ رڳو 25 وينٽي ليٽرز هئا جن جو انگ اڄ اٽڪل 200 ٿي ويو آهي، اهڙي طرح 20 ڊائيلاسز مشينون هيون جن جو انگ 100 کان وڌي ويو آهي، اهڙي طرح 75 سالن ۾ هتي ايم آر آئي جي ڪا مشين نه هئي هاڻي 4 مشينون موجود آهن، اڳ ۾ ساليانو 25 لک ٽيسٽ ٿيندا هئا هاڻي پنجن ئي اسپتالن ۾ ٽيسٽ 41 لک تائين پهچي چڪا آهن، راولپنڊي انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيالوجي ۾ خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير، راولپنڊي ڊويزن ۽ ٻين شهرن جي مريضن کي علاج جون سهولتون فراهم ڪيون پيون وڃن، گائني فلٽر ڪلينڪ پڻ راولپنڊي جي ماڻهن جي لاءِ هڪ تمام وڏو تحفو آهي.