اسلام آباد – 12 ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته اسان جي حڪومت گذريل هڪ س??ل دوران ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ انسٽيٽيوشن (اي او بي آءِ) مان پوڙهن پي??شنرز کي ملندڙ پي??شن ۾ 62 سيڪڙو اضافو ڪيو آهي، سماجي رابطي جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم عمران خان چيو ته ان کان اڳ اي او بي آءِ مان بزرگ پي??شنرز کي 5250 روپيا ملندا هئا پر هاڻي حڪومت ا??ا رقم وڌائي 8500 روپيا ڪري ڇڏي آهي.