اسلام آباد – 20 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي ڦهلاءُ کي روڪڻ سان گڏوگڏ معاشي استحڪام جي لاءِ هڪ ٺوس پاليسي جوڙي وئي آه?? جنهن تي ??زيراعظم عمران خان جي حڪومت پوري طرح عمل ڪري رهي آهي. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان هڪ غريب ملڪ آه?? جنهن کي مالياتي ??سئلا درپيش آهن ۽ مڪ??ل لاڪ ڊائون کي برداشت نه ٿو ڪري سگهي ۽ اهڙي صورتحال ۾ ملڪي معيشت تي ??قصانڪار اثر پئجي سگهن ٿا. هن چيو ته ڪوويڊ 19 هڪ عالمي مسئلو آهي ۽ وزيراعظم عمران خان جي سمارٽ لاڪ ڊائون جي پالسي کي دنيا ساراهيو آهي. هن چيو ته جاري عالمي وبا دوران وزيراعظم ولولي انگيز قائداڻي صلاحيتن جو مظاهرو ڪيو آهي. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته مڪ??ل لاڪ ڊائون جو ڪو بحث ??ه آهي ڇو ته موذي وائرس جي اهڙي صورتحال نه آهي.