اسلام آباد – 26 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته تاريخ ۾ پهريون ڀيرو نئون پاڪستان هائوسنگ جو وڏو تعميراتي منصوبو حڪومت پاران شروع ڪيو ويو آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو ته ان سان عوام جو پنهنجي گهر جو خوا?? پورو ٿي سگهندو جڏهن ته تعميراتي شعبي کي مختلف مراعتن سان سهولتون ڏنيون ويون آهن ته جيئن معيشت جو ڦيٿو هلي ۽ روزگار پ??دا ٿئي.