اسل??م آباد – 03 سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن، برطانوي ڪمپنيون پاڪستان جي سيڙپڪار دوست ماحول مان فائدو کڻڻ. صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان برطانيه ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ??مشنر معظم خان ملاقات ڪئي آهي. ايوان صدر ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب هتي ٿيندڙ ملاقات جي موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته نامزد هاءِ ??مشنر ٻنهي ملڪن جي ٻه طرفي لاڳاپن کي ??ڌيڪ مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ??م ڪري، هن چيو ته پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن ۽ برطانوي ڪمپنين کي ??اڪستان جي سيڙپڪاري دوست ماحول طرف متوجهه ڪرڻ جي ضرورت آهي ته جيئن برطانوي سيڙپڪا?? دستياب موقعن مان فائدو کڻي سگهن.